جهڏي ڪينياءِ

جهڏي ڪينياءِ

جهڏي ڪينياءِ

جهڏي ڪينياءِ Black-headed Gull/Larus ridibundus: چاليهه سينٽي ميٽر جسامت جي هن ڪينياءِ پکيءَ جا نر مادي هڪجهڙا ٿين ٿا. وڏن ۽ ننڍن پکين ۾ رنگ جو فرق ٿئي ٿو. انهن ۾ بهار يا اونهاري ۽ سياري ۾ به فرق ٿئي ٿو. سياري ۾ بالغ پکي لڳ ڀڳ سڄو ئي اڇو هوندو آهي، سواءِ سسيءَ جي جيڪا ڪاري هوندي آهي. پرن جي چوٽين تي وڏو اڇو ٽڪنڊو ۽ ڪن وٽ ڪارو نشان هوندو اٿس. پکيءَ جا پير بدڪ جهڙا ٿيندا آهن ۽ چهنب ڳاڙهي ڊگهي نوڪدار هوندي آهي. جنهن جي نوڪ ڪاري ٿئي ٿي. جهڏيءَ جون ٽنگون ڳاڙهي رنگ جون ٿين ٿيون. نابالغ پکي هونئن ته بالغ پکيءَ جهڙو ئي هوندو آهي پر ان فرق سان ته پڇ جي پڇاڙيءَ ۾ ڪارو پٽو هوندو اٿس. بهار جي مند ۾ بالغ جهڏيءَ جي سِسي ناسي ڪاري، پُٺي ۽ پڇ اڇو هوندو آهي. هي پکي سياري ۾سنڌ طرف ايندو آهي. هي ساحلي ڍونڍ خور پکي آهي خوراڪ لاءِ هر وقت ساحل ۽ پاڻيءَ تي پَر پيو هڻندو آهي.
جهرڪا: هڪ ذات جو نالو آهي، جيڪي اصل ۾ ’سماٽ‘ نسل مان آهي. هن ذات جي پويان ضلعي ٺٽي ۾ ”جهرڪن“ جو شهر ٻڌل آهي. جهرڪن شهر وٽ درياهه جي ٻنهي ڪپن تي هن ذات وارن جا اڍائي سؤ گهر موجود آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو